حسن رضه ۽ حسين رضه

حسن رضه ۽ حسين رضه (ڪتاب): هيءُ ڪتاب عالم ۽ اديب ۽ عربيءَ جي ڄاڻو سيد علي مير شاهه جو لکيل آهي. ڪتاب جو هيءُ ستون ڇاپو آهي، جيڪو جولاءِ 2007ع ۾ مهراڻ اڪيڊمي واڳڻي در، شڪارپور طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. هن ڪتاب ۾ سيدنا حسن بن علي رضه ۽ سيدنا حسين بن علي رضه (شهيد ڪربلا) جي سوانح حيات ڏني وئي آهي. ڪتاب جو هر موضوع پُرڪشش ۽ معلوماتي آهي. پڪي جلد ۽ ٻن رنگن جي ٽائٽل سان 192 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 64 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو